سوڀراج نرملداس فاني

سوڀراج نرملداس ’فاني‘: سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر، اديب ۽ محقق ديوان سوڀراج نرملداس ’فاني‘ 27 فيبروري 1883ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس والد سنڌيءَ کان سواءِ عربي ۽ فارسيءَ جو ماهر هو، ان ڪري سوڀراج نرملداس ننڍي هوندي کان صوفي ازم جو قائل ٿيو ۽ شاعريءَ جي قدرتي ڏات عطا ٿيل هئس. 9 سالن جي عمر کان شعر چوڻ شروع ڪيائين. هن بمبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ پهرين پوزيشن ۾ حاصل ڪئي. ان کانپوءِ سرڪاري نوڪري اختيار ڪيائين. 1937ع ڌاري ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تان رٽائرڊ ٿيو. رٽائرڊ ٿيڻ بعد علم ۽ ادب تي توجهه ڏيڻ لڳو. آخري وقت ۾ جڏهن نظر گهٽجي ويس ته پنهنجو مواد ٻارن کان به لکرائي ڇڏيندو هو. پاڻ شاعريءَ سان گڏ موسيقيءَ جو به سٺو ماهر هو. عربي، فارسي، سنڌي ۽ انگريزيءَ تي عبور حاصل هوس. سنڌ جي اٽڪل 80 شهرن بابت کوجنا ڪري ڪيترا تاريخي مضمون ’ڊيلي گزيٽ‘ ۾ شايع ڪرايائين. تنهن کانسواءِ ’غنچه‘، ’اميد‘، ’مهراڻ‘ ۽ ڪاليج ميگزينن سميت ٻين رسالن ۾ سندس مضمون ۽ شاعري شايع ٿيندا رهيا. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن، جن ۾ ’خيالي‘، ’جهلڪا‘، ’چت ڦلواڙي‘، ’روحاني تجلا‘، ’ويچار وکـر‘ قابلِ ذڪر آهن. ورهاڱي بعد ڀارت لڏي ويو ۽ اُتي ئي 15 مارچ 1956ع تي وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1883.02.27  عيسوي

سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر، اديب ۽ محقق ديوان سوڀراج نرملداس ’فاني‘ 27 فيبروري 1883ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.


1956.03.12  عيسوي

سوڀراج نرملداس فاني ورهاڱي بعد ڀارت لڏي ويو ۽ اُتي ئي 15 مارچ 1956ع تي وفات ڪيائين.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تمر فقير
راز بلڙائي
ستار سروهي
حاجن ’سائل‘ ميمڻ
محمد حسين شوقي ٺٽوي
بکر شيخ
ٻڍل لاشاري
اسد چاچڙ
عاجز اڄڻ
پروين شاڪر
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون